سنڌ

ڊي سي قمبر جو شهدادڪوٽ ٽينٽ سٽي جو دورو ڪري متاثرن جا مسئلا ٻڌا

ڊپٽي ڪمشنر قمبر شھداد ڪوٽ سليم الله اوڍو مرغي جي دڪانن تي ڇاپا هڻي وڌيڪ اگهه وٺندڙ دڪاندارن کي وارننگ ڏني ته جيڪڏهن سرڪاري اگهه تي مرغي وڪرو نه ڪئي وئي ته اوهان خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. جنهن بعد ڊپٽي ڪمشنر سليم الله اوڍو شھداد ڪوٽ ٽينٽ سٽي جو دورو ڪري متاثرن جا مسئلا ٻڌا ۽ ميڊيڪل ڪئمپ جو دورو ڪيو. ٽينٽ سٽي ۾ يونيسيف جو اسڪول بند ھجڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. اتي سي ايم او کي ھدايت ڏني ته صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکيو وڃي ۽ صاف پاڻي جي بحالي کي يقيني بڻايو وڃي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سليم الله اوڍو چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته ٻوڏ متاثرن جي ھر ضرورت پوري ڪريون ۽ سندن بحالي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رھيا آھيون، جلد ئي روڊن جا مڪمل ڪٽ بند ڪري ٻوڏ متاثرن کي جلد پنھنجن ماڳن ۾ پھچايو ويندو. ان موقعي تي ڊي سي شهدادڪوٽ اسپتال جو دورو ڪيو ۽ مريضن کان علاج بابت پڇا ڪئي. هن ايم ايس کي هدايت ڪئي ته مريضن جو بهتر نموني علاج ڪيو وڃي، جيڪا به دوائن جي ضرورت آهي پوري ڪري ڏيندس

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button