سنڌ

رستم جي ڪچي ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو، 5 ڄڻا زخمي

رستم جي ڪچي واري علائقي ۾ زمين جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. شڪارپور ضلعي جي آباد ميلاڻي ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ ڦوساباد ۾ زمين جي مالڪي تان سولنگي ڌر جي رحمت الله ماڇي ۽ عطراڻي ڌر جي منظور عطراڻي جتوئي جي ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن تي ٻنهي ڌرين جي ماڻهن هڪ ٻئي مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ عطراڻي ڌر جا 2 ڄڻا پرويز پٽ علي ڏنو عطراڻي جتوئي ۽ منظور پٽ رحمت الله عطراڻي جتوئي گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيا. هوڏانهن سولنگي ڌر جا رحمت الله ۽ رحيم ڏنو سولنگي سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور محمدآباغ ٿاڻي تي آڻڻ بعد اسپتالن ڏانهن نيو ويو. ٻئي طرف پوليس زخمين جي پڻ تصديق ڪئي آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس دخل نه ٿي سگهيو هو، جڏهن ته ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button