سنڌ

بخشاپور ۾ ڌاڙيلن هٿان مارجي ويل نوجوان جي وارثن جو ڌرڻو

بخشاپور ويجهو گبلو جي ڪچي واري علائقي ۾ 2 ڏينهن اڳ ڌاڙيلن ھٿان پلاند عيوض مارجي ويل نوجوان پپو ڊومڪي جي قتل جو ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول نوجوان پپو ڊومڪي جي وارثن انڊس ها وي بلاڪ ڪري ٽائرن کي باهيون ڏيئي احتجاجي ڌرڻو هنيو. انڊس ها وي بند ٿيڻ ڪري ٻنھي طرفن کان ايندڙ ويندڙ سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي مقتول نوجوان جي وارثن نادر ڊومڪي، غلا مصطفى، ناظم الدين، بچل خان ۽ ٻين چيو ته ضلعو ڪشمور بدامني جي باهه ۾ پيو ٻري. بخشاپور جي عوام بدامني جي باهه جي لپيٽ ۾ اچي وئي آهي. ايس ايڇ او بخشاپور امن بحال ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويو آهي. اسان جي نوجوان پپو ڊومڪي کي ڌاڙيلن ناحق قتل ڪري لاش اڇلائي ڇڏيو، ٻھ ڏينهن گذري ويا آهن اسان بخشاپور ٿاڻي جا چڪر پيا ڪاٽيون پيا، جڏهن ته ايس ايڇ او سميت ڪو اعليٰ عملدار اسان وٽ اسان جا سور ۽ تڪليفون ٻڌڻ لا نه پھتو آهي اسان جو نوجوان ناحق ماريو ويو آهي، ڌاڙيل ڀڀي بنگوار کي پوليس ماريو آهي ۽ ڀڀي بنگوار جي مارجڻ ۾ اسان جي مقتول نوجوان جو ھٿ نه هو، ڌاڙيلن وڏو ظلم ڪيو آهي. هنن آ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو ته مقتول نوجوان پپو ڊومڪي جي قتل جو ڪيس داخل ڪري ملوث جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button