پاڪستانسنڌ

سنڌو نواز گهانگهرو جي ڪار نه ملي، پوليس جاچ تي بي اعتمادي ظاهر

راڌڻ: سماجي عورت اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو ميھڙ مان ڪار چوري ٿيڻ واري ڪيس ۾ پوليس جاچ تي بي اعتمادي ظاهر ڪندي سيشن جج دادو جي عدالت ۾ دارخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس ڪار چوري ڪيس ۾ ميھڙ ٿاڻي تي داخل ٿيل ڪيس ۾ جاچ آفيسر ميهڙ ڪابه دلچسپي نه ورتي آهي. ايس ايس پي دادو ۽ ايس ايڇ او ميهڙ احتجاج ڪرڻ تي مون کي ڌمڪائي رهيا آهن.

منهنجي ڪار چوري جي ڪيس جي جاچ ڪنهن ٻئي ضلعي جي ايماندار پوليس آفيسر حوالي ڪرڻ لا ڊي آ جي حيدرآباد کي حڪم جاري ڪيو وڃي، جئين ڪار واپس ٿي سگهي ۽ جوابدار گرفتار ٿين. عدالت ڊي ايس پي ۽ ايس ايڇ او ميهڙ کي نوٽيس جاري ڪندي 18 آڪٽوبر تي طلب ڪري ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button