اسلام آبادپاڪستان

ذميواري عمران جي هئي،حڪمراني بشرا بيبي ۽ فرح گوگي وٽ هئي:وفاقي حڪومت

اسلام آباد:سڌ سما واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ کي سيڪيورٽي ٿريٽ رڳو فارن فنڊيڊ ايبسليوٽلي فراڊ فتني کان آهي. هاڻي خوشحالي رڳو ان جي قانون جي پڪڙ ۾ اچڻ سان ئي ايندي. ڪالهه پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي خطاب تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ذميواري واقعي عمران نيازي جي هئي پر حڪمراني بشريٰ بي بي ۽ فرح گوگي وٽ هئي. اڌ پاور سان ملڪ کي ڦريندڙ جو اهو عالم آهي، پوري ملي وڃي ها ته الله ئي حافظ هو. هن چيو ته عمران خان اڌ پاور سان ملڪي مفاد سان کيڏيو، غلط ۽ صحيح جي فڪر نه ڪندي پنهنجي سياسي مقصدن جي لاءِ چالون هليون. خدا نه ڪري کيس پورو پاور ملي وڃي ها ته ملڪ جو ڇا ٿئي ها؟ هن چيو ته عمران نيازي وٽ اڌ پاور هو ۽ حڪمراني نه هئي ته چار سال ڇو نه ٻڌايو؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان پنهنجي پوري پاور کي سياسي مخالفن جي خلاف پنهنجي سياسي انتقام جي لاءِ استعمال ڪيو. هن چيو ته عمران خان اڌ پاور سان توشا خانا کي ڦريو، اڌ پاور سان غيرقانوني فارن فنڊنگ ورتي. ڪشمير جو سودو ڪيو، ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪيو. هن چيو ته ملڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو سيڪيورٽي ٿريٽ فارن فنڊيڊ فتنو ۽ فراڊ آهي جنهن ملڪي سيڪيورٽي ۽ قومي مفادن سان سنگين راند کيڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button