اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

سڄي ملڪ ۾ بجلي جي واڌو بلن جي جاچ جو حڪم

اسلام آباد: قومي اسيمبلي راجا پرويز اشرف توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير کي هدايت ڪئي آهي ته سڄي ملڪ جي بجلي جي واڌو بلن جي جاچ ڪئي وڃي. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران آگسٽ ۾ بجلي جي واڌو بلن واري معاملي تي بحث ٿيو. جماعت اسلامي جي ميمبر عبدالڪبر چترالي بجلي بلن تي ڌيان ڏياريو نوٽيس پيش ڪيو. وفاقي وزير خرم دستگير چيو ته جولاءِ ۾ جيڪي يونٽ استعمال ٿيا، انهن جو بل آگسٽ ۾ آيو. فيول ايڊجسٽمنٽ جون جي استعمال ٿيندڙ يونٽ تي ٿي هئي، سئو يونٽ يا ان کان گهٽ بجلي استعمال تي فيول ايڊجسٽمنٽ نه لڳائي وئي هئي. هارين به واڌو بلن تي احتجاج ڪيو، ٽي سئو يونٽ اسعتمال ڪرڻ وارن کي وزيراعظم رعايت ڏني هئي. سندس چوڻ هو ته مستقبل ۾ امپورٽڊ ٻارڻ مان بجلي نه ٺاهينداسين، اڳتي بجلي رڳو پنج ذريعن مان ٺاهي ويندي، شمسي ۽ جوهري توانائي، ونڊ، هائيڊل ۽ ٿرڪول ذريعي بجلي پيدا ڪئي ويندي. ان موقعي تي آبپاشي واري وزير خورشيد شاهه چيو ته منهنجي گهر جو بل 33 هزار آيو آهي ۽ فيول ايڊجسٽمنٽ به لک رُپيا آهي. خرم دستگير چيو ته خورشيد شاهه جي بل تي جاچ ڪئي ويندي، جنهن تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ واڌو بلن جي جاچ ڪئي وڃي. اسپيڪر بجلي اگهن وارو معاملو لاڳاپيل اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button