پاڪستانسنڌ

جهول جي نجي اسڪول ۾ شاگردياڻي تي استاد جو تشدد،2 ڏند ڀڃي ڇڏيا

جھول: جهول جي نجي اسڪول جي ماستر جو ھڪ ڏينھن اسڪول نه اچڻ تي پھرئين ڪلاس جي شاگردياڻي تي وحشياڻو تشدد، ٻارڙي جا 2 ڏند ٽٽي پيا، جسم جي مختلف حصن تي ڌڪن جا نشان، اسپتال داخل، خبر موجب جھول شھر ۾ قائم ھڪ نجي ايجوڪيشن اڪيڊمي (سچل) ۾ پھرئين ڪلاس ۾ پڙھندڙ گھنڊڻ واسڻ معصوم ٻارڙي عروج فاطمه ڌي استاد فضل ابوپوٽو کي ھڪ ڏينھن غيرحاضر رهڻ تي ماستر اظھر علي رند وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻايو. جنھن سان شاگردياڻي جا 2 ڏند ٽٽي پيا، گھر پھچڻ بعد ٻارڙي جي والد کي اطلاع ڪيو ويو، جنھن نياڻي کي علاج لاءِ جھول جي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪرايو. اسپتال ۾ چيڪ اپ ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي جي رپورٽ موجب معصوم ٻارڙي جي پوري جسم تي تشدد جا نشان آهن، اھڙي رپورٽ بعد ماستر جي ڪريل حرڪت تي ٻارڙي جي پي استاد فضل ابوپوٽو جھول ٿاڻي تي پھچي ماستر اظھر علي رند ۽ ايجوڪيشن اڪيڊمي جي پرنسپال مظھر علي رند خلاف رپورٽ داخل ڪرائي،

نياڻي جو علاج ڪرائڻ لاءِ جھول ٿاڻي تان ليٽر ورتو. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي شاگردياڻي جي پي استاد فضل ابوپوٽو ٻڌايو ته سومر ڏينھن ھو ڌي کي سانگھڙ ۾ ميلاد صه جي پروگرام ۾ پاڻ سان وٺي ويو ھو، تنھن ڪري ھو پڙھڻ لاءِ اچي نه سگھي، سوشل ميڊيا تي ساڻس گڏ ڌي جون تصويرون ڏسي ماستر ايجوڪيشن اڪيڊمي مان ھڪ ڏينھن غيرحاضر رھڻ وارو بھانو ڪري نياڻي مٿان انسانيت سوز تشدد ڪري ھن جا 2 ڏند ٽوڙي ڇڏيا آهن. ھن چيو سنڌ حڪومت جي ايجوڪيشن پاليسي موجب اسڪولن ۾ شاگردن کي مارڪٽ ڪرڻ کان منع ھئڻ باوجود ماستر ذاتي دشمني سمجھي منهنجي نياڻي تي تشدد ڪيو آهي. هن مطالبو ڪيو ته ساڻس انصاف ڪيو وڃي ۽ شاگردياڻي تي تشدد خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ان حوالي سان الزام ھيٺ آيل ماستر اظھر علي رند ۽ ايجوڪيشن اڪيڊمي جي پرنسپال مظھر علي رند کان مؤقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر انھن ڳالھائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او جھول ٻڌايو ته پوليس جوابدارن جي گرفتاري لا ڇاپا ھڻي رھي آهي، ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد جوابدارن تي ھر حالت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button