صالح پٽ: بدين جي رهواسڻ پريميڪا ۽ سکر جو نوجوان پيار جو پرڻو ڪرڻ بعد تعلقه پريس ڪلب صالح پٽ پهچي ويو, تحفظ جي اپيل خبر موجب صالح پٽ ۾ بدين جي رهواسڻ زبيدا ڌي محمد اسلم خاصخيلي ۽ زاهد آباد سکر جو رهواسي ذوالفقار شيخ تعلقه پريس ڪلب صالح پٽ آڏو دانهيندي چيو ته سکر جي عدالت ۾ پسند جو پرڻو ڪيو آهي. زبيدا خاصخيلي چيو ته پسند جي پرڻي کانپو منهنجو پي محمد اسلم خاصخيلي، چاچو عبدالمجيد خاصخيلي، محمد سچل خاصخيلي ۽ غلام نبي ڪيريو اسان جي جان جا ويري ٿي ويا آهن ۽ منهنجي مڙس کي مختلف ڪيسن ۾ ڦاسائڻ چاهين ٿا. هنن ايس ايس پي سکر ۽ ٻين وسوارن کي تحفظ جي اپيل ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close