اسلام آباد :اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ عمران خان جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي. ايف آءِ اي، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان خلاف پرڏيهي فنڊنگ جو ڪيس داخل ڪيو آهي، جنهن بعد اڳوڻي وزيراعظم گرفتاري کان بچڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪيو. عمران خان حفاظتي ضمانت لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ايف آءِ اي فارين ايڪسچينج ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو آهي. عدالت حفاظتي ضمانت منظور ڪري ته جيئن لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ٿي سگهون. چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله عمران خان جي درخواست تي شنوائي ڪئي، جنهن دوران پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل چيو ته عمران خان جي گرفتاري جي خدشو آهي. جسٽس اطهر من الله سوال ڪيو ته اوهان جي حساب سان پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ڪهڙي عدالت ۾ وڃڻ گهرجي؟ ان تي وڪيل چيو ته ڪيس اسپيشل جج سينٽرل جي عدالت وڃڻ گهرجي. عدالت پڇاڻو ڪيوته عمران خان ڪٿي آهي؟ پيش ڇو ناهي ٿيو؟ وڪيل چيو ته جيڪڏهن عدالت حڪم ڪري ته عمران خان فوري پيش ٿي ويندو. بني گالا ۾ پوليس سندس گهر جو گهيراءُ ڪيو آهي. غير معمولي صورتحال سبب درخواستگذار پيش ناهي ٿيو. جسٽس اطهر من الله چيو ته درخواستگذار ٽئين وڳي تائين عدالت ۾ پيش ٿئي، عدالت حڪم ڏيندي چيوته سندس پيش ٿيڻ تائين عمران خان کي گرفتار نه ڪيو وڃي. جڏهن ته عدالت انتظاميا کي اڳوڻي وزيراعظم کي هراسان ڪرڻ کان پڻ روڪي ڇڏيو. بعد ۾ عدالت ۾ طلب ڪرڻ تي عمران خان پيش ٿيو. شنوائي دوران ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته حفاظتي ضمانت ان صورت ۾ ٻڌي سگهجي ٿي. جڏهن معاملو ٻئي صوبي جو هجي. جسٽس اطهر من الله چيو ته هن ڪيس ۾ خاص عدالت کي ضمانت واري درخواست ٻڌڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪو مسئلو آهي ته اسان تيستائين حفاظتي ضمانت منظور ڪري وٺون ٿا. چيف جسٽس جو چوڻ آهي ته اسان حفاظتي ضمانت منظور ڪري رهيا آهيون، اسان هن ڪيس کي شنوائي هيٺ رکون ٿا ۽ حفاظتي ضمانت ڏيون ٿا. جيڪڏهن معاملو حل نٿو ٿئي ته اسان اوهان جي درخواست کي ٻيهر ٻڌنداسين. جنهن کانپوءِ عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي اڱاري تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪندي کيس پنج هزار رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close