اسلام آباد:جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان ججن کي پڪو ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي. جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان لاهور هاءِ ڪورٽ جي 13 مان 11 ايڊيشنل ججن کي پڪو ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي 13 مان 11 ايڊيشنل ججن کي پڪو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. ذريعن موجب جسٽس شڪيل احمد، جسٽس صفدر سليم، جسٽس احمد نديم ارشد، جسٽس طارق نديم، جسٽس امجد رفيق، جسٽس عابد حسين چٺا کي پڪو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. ان کانسواءِ جسٽس انوار حسين، جسٽس علي ضيا باجوا، جسٽس سلطان تنوير، جسٽس رضا قريشي ۽ جسٽس راحيل ڪامران کي به پڪو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close