آزاد ڪشمير جي تفريحي ماڳ نيلم ماٿري ۾ جيپ 2 هزار فوٽ اونهي کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 7 ڀاتي فوت ٿي ويا آهن. مليل ڄاڻ موجب جيپ جاگران ماٿري کان ڪنڊل شاهي وڃي رهي هئي ته وادي نيلم ۾ مٽو وٽ گاڏي کاهي ۾ ڪري پئي، جنهن سبب 7 گهرڀاتي فوت ٿي ويا، فوتين ۾ 2 ٻار، هڪ عورت ۽ 3 مرد شامل آهن، جڏهن ته هڪ مرد ۽ هڪ عورت سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اٺ مقام اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. جيپ ۾ ڪل 8 ماڻهو سوار هئا. ٻئي طرف آزاد ڪشمير جي وزيراعظم تنوير الياس خان نيلم ۾ جيپ حادثي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close