ڊگهڙي ۾ سنڌ مزدرو اتحاد جي اڳواڻ ۽ سماجي ڪارڪن ڪامريڊ صغران خاصخيلي جي گهران ٿيل چوري واردات خلاف پريس ڪلب اڳيان قائم ڪيل علامتي بک هڙتالي ڪئمپ تي چوٿين ڏينهن به مرڪزي جنرل سيڪريٽري منظور چانڊيو، عوامي تحريڪ اڳواڻ خير محمد چانڊيو ۽ ٻيا سياسي سماجي اڳواڻ حمايت طور پهتا. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته صغران خاصخيلي ڪيترن ئي ڏينهن کان مسلسل احتجاجي مظاهرا ڪري بک هڙتال تي ويٺل آهي پر ڊي آ جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص واقعي جو نوٽيس ناهي ورتو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آئي آهي، جيڪڏهن هڪ متحرڪ سماجي اڳواڻ جي ٿيل چوري واپس ناهي ٿي سگهي ته پو عام شهرين سان ڪهڙي حالت هوندي. هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪري چوري واپس ڪرائي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close