ڏوڪري تعلقي جي پراڻي باڊهه واسي آءِ بي اي ذريعي تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جي ڀرتي لاءِ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوار صدام جوڻيجو مبينا طور آفر آرڊر لاءِ ڳري رشوت طلب ڪرڻ خلاف پريس ڪلب پهچي پاڻ مٿان پئٽرول هاري باهه ڏئي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي اتي موجود پوليس اهلڪار ۽ صحافين بچائي ورتو. ان موقعي تي صدام حسين جوڻيجو روئيندي الزام لڳائيندي چيو ته آئون اسلام آباد جي انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جو اسڪالر شپ هولڊر ڊگري يافته شاگرد آهيان ۽ سال اڳ تعليم کاتي ۾ پرائمري اسڪول ٽيچر جي ڀرتي لاءِ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪري 49 مارڪون به کنيون ۽ منهنجو نالو ميرٽ لسٽ ۾ به شامل ڪيو ويو. هن الزام لڳايو ته 2 ڏينهن اڳ مونکي ايجوڪيشن آفيسر اختر ڪوريجو ۽ گلشير سومرو آفر آرڊر ڏيڻ بدران ان جي تصوير ڪڍرائي آفر آرڊر نه ڏنو جيڪي مون کان ڳري رشوت طلب ڪري رهيا آهن، انڪار تي هنن مون کي ڌمڪيون ڏنيون. هن چيو ته آءُ ٽيوشن پڙهائي گهر جو گذر سفر هلائيندو آهيان. آئون ڪٿان پئسا ڏيندس، خدارا مون تي رحم کائي مليل آفر آرڊر تحت ڊيوٽي ڏني وڃي. ان حوالي سان ڊائريڪٽر ايجوڪيشن گلشير سومرو رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اميدوار صدام حسين جوڻيجو بليڪ ميلر آهي، جنهن جو نمبر 107 تي آهي ۽ ان جو نالو ويٽنگ لسٽ ۾ هئڻ جي ڪري هن آفيس ۾ اچي گارگند ڪندي ڌمڪيون ڏنيون آهن، جنهن جي خلاف ايس ايس پي کي خط لکي ڇڏيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close