رستم جي ڪچي ۾ سولنگي ۽ عطراڻي ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان ٿيل جهيڙي ۾ زخمي ٿيل منظور عطراڻي سکر اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏيئي ڇڏيو. ڌرين ٻيهر هڪٻئي تي حملا ڪيا، سولنگي ڌر جا وڌيڪ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. شڪارپور ضلعي جي رستم جي ڪچي واري علائقي جي آباد ميلاڻي ايٽ محمدآباغ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڦوساباد ۾ عطراڻي ۽ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي معاملي تان ٿيل جهيڙي ۾ ماٺار نه اچي سگهي. گذريل ڏينهن جهيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيل منظور عطراڻي زخمن جا سور نه سهندي سکر اسپتال ۾ دم ڏيئي ڇڏيو. واقعي بعد عطراڻي برادري جي هٿياربندن سولنگي برادري جي گهرن مٿان حملو ڪري ڏنو، ٻنهي ڌرين جي فائرنگ ۾ سولنگي ڌر جو بهاول سولنگي ۽ علي حسن سولنگي زخمي ٿي پيا. جڏهن ته گذريل ڏينهن عطراڻي ڌر جا 2 ڄڻا منظور عطراڻي ۽ پرويز عطراڻي زخمي ٿيا هئا ۽ سولنگي ڌر جا ٽي ڄڻا زخمي ٿيا هئا. منظور عطراڻي جي فوت ٿيڻ کانپو سولنگي ڌر جا 10 خاندان گهر ڇڏي لڏ پلاڻ ڪري ٻئي هنڌ هليا ويا. جڏهن ته پوليس جهيڙي کي روڪڻ لا بڪتربند گاڏيون بيهاري پڪٽون قائم ڪري ڇڏيون. ٻئي طرف ٻئي ڌريون مورچابند ٿيل آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close