مٺي واسي سنڌ جو ڪلاسيڪل ڀڳت راڳي بصر مل ميگهواڙ، ڀڳت مٺو مل، گهڙي نواز ۽ قومي عوامي تحريڪ جو ڪارڪن هوندراج عرف دلبر موتياڻي ۽ سندن ڪار ڊرائيور حنيف ڪنڀار مٺي کان ستسنگ جي محفل ڳائڻ لا حب چوڪي وڃي رهيا هئا ته کور واهه ڀرسان بدين – سجاول روڊ تي ڪاروگونگڙو اسٽاپ ويجھو سامهون ايندڙ اي سي ڪوچ ڪار مٿان چڙهي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ راڳي ڀڳت بصر مل، سندس ساٿي گائڪ ڀڳت مٺو مل، گهڙي نواز، مشھور ڦوٽو گرافر ۽ قومي عوامي تحريڪ جو ڪارڪن هوندارج عرف دلبر موتياڻي ۽ ڪار ڊرائيور سوڀارو شاهه واسي حنيف ڪنڀار موقعي تي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا. خوفناڪ حادثي بعد سوين ماڻهو گڏ ٿي ويا، جڏهن ته کور واهه پوليس ۽ جاتي چوڪ پوليس ڪرين مشين جي مدد سان فوتي راڳين جا لاش ڪڍي گولاڙچي اسپتال آندا، جتي سندن موت جي تصديق بعد ٿاڻي جي حد ٻئي هجڻ ڪري پوسٽ مارٽم سجاول سول اسپتال مان ڪرائي رات دير سان لاش مٺي منتقل ڪيا ويا. معلوم ٿيو آھي حادثو ڪندڙ اي سي مسافر ڪوچ ڪراچي کان مٺي اچي رهي هئي. هوڏانهن راڳين جي موت جي اطلاع بعد مٺي ۾ سندن ڌار ڌار پاڙن جي گهرن تي سوين مداح ۽ پاڙيسري گڏ ٿي ويا، راڳين جي روڊ حادثي ۾ فوت ٿيڻ تي ٿري فنڪارن، شاعرن ۽ شھرين ۾ سوڳ ڇانئجي ويو، سندن گهرن ۾ قهرام مچي ويو. معلوم ٿيو آھي ڀڳت بصر مل ميگهواڙ ڀڳتي ڳائڻ جو ڪلاسيڪل راڳي هو، جنهن ڀڳتي سان گڏ صوفي ڪلام ۽ ڀٽائي توڙي ڪبير جي شاعري ڳائي پنهنجو مقام ٺاهيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close