سنڌ

شاعر، اديب ۽ دانشور ذوالفقار سيال جي ڪتاب جي مهورتي تقريب

سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل، ناليواري شاعر، اديب ۽ دانشور ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي 26 هين ڪتاب “واڌو، ونڊ، ڪٽ، ضرب” جي مهورتي تقريب لاڙڪاڻو پريس ڪلب ۾ ٿي جنهن کي خطاب ڪندي ناليواري شاعر مختيار ملڪ چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال سوچيندو ۽ لکندو رهي ٿو. جڏهن اسان ادب جي شروعات ڪئي هئي ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ميچوئر اديب هو، ڊاڪٽر ذوالفقار جي 1972ع ۾ ڇپيل ڪتاب جي مهورتي تقريب ۾ مون حيدرآباد ۾ شرڪت ڪئي ۽ ڳالهايو به هو. تقريب کي ناليواري اديب ڊاڪٽر بشير احمد شاد خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال اهڙو شاعر آهي جنهن جي ايشيا جي وڏن فنڪارن شاعري ڳائي آهي جنهن ۾ مهدي حسن به شامل آهي. ذوالفقار سيال هر شعبي ۾ سرگرم رهيو آهي. هن 1974ع ۾ ماٺاريل سنڌي ادبي سنگت کي سرگرم ڪيو هو، جنهن ڪري لاڙڪاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جو ڄڻ ٻيو جنم ٿيو هو. آزاد انور ڪانڌڙو چيو ته ذوالفقار سيال سگهارو قلمڪار ۽ ناميارو شاعر آهي. هن اڌ صديءَ تائين سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ڪئي آهي. تقريب کي حزب الله آءِ سومرو چيو ته ذوالفقار سيال جي ڪتاب ۾ جيڪي مضمون شامل آهن اُهي تاريخ جو حصو آهن. تقريب کي قادر جاگيراڻي، ناياب سرڪش سنڌي، لالڻ چنو، غلام احمد غازي، رئوف عباسي، جيئل اوڏ، پروفيسر ڄام جمالي ۽ ٻين خطاب ڪيو. تقريب ۾ مهراڻ ڌامراهو، ڪامريڊ ڪريم بلوچ، يونس ڏيٿو، عبدالحميد سيلرو، پروفيسر غلام حسين ڪٽپر، ياسمين بروهي، خالد سيال، پروفيسر رضوان گل، ابو ايليا، ايم بي ابڙو، آزاد انعام لاڙڪ، نثار مغيري، شهمير سومرو سميت ٻين اديبن، شاعرن ۽ ساڃاهه وندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button