ٺٽي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جو “اچو ته سنڌ سواريون، جاگيرداري مرده باد انقلاب زنده باد جي عنوان سان پريس ڪلب سامهون جوڊيشل ڪامپليڪس گرائونڊ تي جلسي عام ٿيو، جنهن کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ھڪ سڪي جا 2 پاسا آھن. 5 درجا پاس ڪامران ٽسوري کي گورنر سنڌ مقرر ڪيو ويو آھي، جنھن جي مذمت ڪندي رد ڪيون ٿا. ھن چيو ته سنڌ کي برساتن يا ٻوڏ نه پر سنڌ جي حڪمرانن ٻوڙيو آھي. سنڌ جي مائرن ڀينرن کي دربدر ڪري رستن تي اڇلايو ويو آهي. نياڻي کي اسان ست قرآن سمجھندا آھيون جن کي حڪمرانن چند ھزارن عيوض پنڻ تي مجبور ڪيو. اسان جي ايف آءِ آر ڀلي نه ورتي وڃي پر تاريخ ۾ ايف آءِ آر درج ڪرائي آھي، جنهن جو حساب کين ڏيڻو پوندو. سنڌ جو مقدر سنوارڻ لا جاگيردار سياست جو خاتمو ضروري آهي. پيپلن ليگلن ۽ مارشلا جي دورن ۾ سياسي جاگيرداري نظام سنڌ کي برباد ڪيو آهي. هن چيو ته عالمي ادارن کان ايندڙ امداد شفاف نموني ورهائڻ گهرجي، ڪوهستان ۽ ساحلي پٽي جي اربين رپين جي ھزارين ايڪڙ زمين ڀوتارن، جاگيردارن، ڌارين، سرمائيدارن سان وڪرو ڪري ڀينگ ڪري ڇڏي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close