اسلام آباد:چيف جسٽس عمر عطا بنديال پي ٽي آءِ اڳواڻ فيصل واوڊا جي نااهلي خلاف درخواست تي شنوائي دوران چيو آهي ته چونڊ معاملن ۾ اليڪشن ڪميشن اسپيشلسٽ آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس عائشا ملڪ تي ٻڌل ٽي رڪني بئنچ فيصل واوڊا طرفان تاحيات نااهلي جي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف داخل درخواست تي شنوائي ڪئي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن کي مضبوط ۽ بااختيار بڻائڻ چاهيون ٿا. نٿا چاهيون ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو هر ڪو رٽ ۾ اڏائيندو رهي. چونڊ معاملن جو ماهر ادارو ته اليڪشن ڪميشن ئي آهي. هن چيو ته اسلام باد هاءِ ڪورٽ تاحيات نااهليءَ جو فيصلو برقرار رکيو آهي. حقيقتن جو پتو لڳائڻ لاءِ ڪيس هاءِ ڪورٽ ئي موڪليو هو.فيصل واوڊا جي وڪيل وسيم سجاد چيو ته ڇا هاءِ ڪورٽ جي چوڻ ته اليڪشن ڪميشن عدالت بڻجي ويندي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جي اختيارن جي دائري تي فيصلو ئي نه ڏنو ۽ اليڪشن ڪميشن حقيقتن جو پتو به درست انداز ۾ نه لڳايو. فيصل واوڊا جي وڪيل چيو ته آمريڪي سفارتخاني جي اهلڪارن تي آڏي پڇا جو موقعو ئي نه ڏنو ويو. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته فيصل واوڊا شهريت ڇڏڻ لاءِ رابطو ڪاغذ جمع ڪرائڻ کانپوءِ ڪيو هو. وڪيل چيو ته سينيٽر طور فيصل واوڊا تي ڪنهن قسم جو ڪو اعتراض نه ڪيو ويو. اليڪشن ڪميشن عدالت ناهي جو تاحيات نااهلي ڊڪليئر ڪري. سپريم ڪورٽ فيصل واوڊا جي درخواست تي وڌيڪ شنوائي 19 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close