اسلام آبادپاڪستان

عورت جج کي ڌمڪين واري ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت منظور

اسلام آباد: اسلام آباد جي عدالت عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ واري ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ ايف 8 ڪورٽ پهتو. ان موقعي تي اسد عمر ۽ فيصل جاويد به ساڻس گڏ هئا.سيشن جج ڪامران بشارت ڪيس جي شنوائي ڪئي، جنهن دوران عمران خان جي وڪيل بابر اعواڻ ۽ پراسيڪيوٽر واجد منير دليل ڏنا. مختصر شنوائي کانپوءِ عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت منظور ڪري ورتي، جنهن بعد عمران خان عدالت مان روانو ٿي ويو. عدالت طرفان ضمانت منظور ٿيڻ بعد عمران خان جي وڪيلن 50 هزار رپين جا ضمانتي مچلڪا عدالت ۾ جمع ڪرايا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button