پاڪستانسنڌ

نوري آباد وارو واقعو ھڪ وڏو سانحو آهي پر ھتي ڪوبه قانون ناھي: لياقت جتوئي

راڌڻ: اڳوڻي وڏي وزير لياقت علي جتوئي نوري آباد لڳ ڪوچ کي باھه لڳڻ جي سانحي ۾ فوت ٿي ويل ڪي اين شاھه واسين جي سربراھه قربان مغيري سان تڏي تي ويھي ڏک ونڊيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نوري آباد وارو واقعو ھڪ وڏو سانحو آهي پر ھتي ڪوبه قانون ناھي، ڪوچن وارن کان ڪوبه پڇاڻو ناھي، ھنن کي روڊ تي ھلڻ جو ڪو سرٽيفڪيٽ ڪا ڪليئٔرنس ناھي، اوھان ٻاھرين دنيا ۾ ھليا وڃو، جيستائٔين انھن وٽ ڪو سرٽيفڪيٽ يا ڪليئٔرنس نه ھوندي ته گاڏي روڊ تي نه ھلي سگھندي. هن چيو ته چونڊيل نمائندا متاثرن کي بي يارو مددگار ڇڏي فرار ٿي ويا آهن، ماڻھو بي يارو مددگار کليل آسمان ھيٺان ويٺل آهن، بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن ۽ خدا جي سھاري آھن، اسان جي حڪومت ناھي پر جيڪو ٿي سگھيو اھو ڪيو آهي، مان اڄ حڪومت جي بي تاج بادشاھن کان اھو پڇڻ ٿو چاھيان ته خوف خدا اٿو يا رڳو پيسا ڪمائڻا اٿو، ڇا پيسا قبر ۾ کڻي ويندا، مان ته قبر ۾ کڻي نه ويندس. خدارا ڪجهه ترس کائو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button