نيشنل گرڊ ۾ فني خرابي سبب سنڌ سميت ملڪ جي ٽن صوبن ۾ بجلي فراهمي معطل ٿي وئي، 6 هزار ميگا واٽ بجلي سسٽم مان نڪري وڃڻ ڪري ڪيترن ئي علائقن ۾ 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين نه پکو هليو نه ئي ڪا بتي ٻري، ڪاروباري، صنعتي ۽ عام زندگي جو وهنوار ٺپ ٿي ويو، جنهن تي نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) بجلي جي وڏي بريڪ ڊائون جاچ ڪرڻ لا چار رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. تفصيل موجب ملڪ جي ڏاکڻي ٽرانسميشن سسٽم ۾ اوچتو خرابي ٿيڻ سبب ڪراچي سميت سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن، پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ بجلي جي فراهمي ڪلاڪن جا ڪلاڪ معطل ٿي وئي. جيڪب آباد، شڪارپور، سبي، دادو، راجنپور، گهوٽڪي، ملتان، رحيم يار خان ۽ ٻين شهرن ۾ عوام 12 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت تائين بجلي کان محروم رهيو. پاور ڊويزن طرفان جاري ڪيل پڌرائي مطابق ملڪ جي ڏاکڻي ٽرانسميشن سسٽم ۾ حادثاتي خرابي سبب ڪيترائي پاور پلانٽ مرحلي وار ٽرپ ٿي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جي ڏاکڻي حصي ۾ بجلي جي فراهمي ۾ رنڊڪ آئي. ذريعن موجب ڪينپ نيوڪليئر پلانٽ جي بجلي به سسٽم مان نڪري وئي ۽ ملتان کان هيٺئين پنجاب ۾ به بجلي فراهمي معطل رهي، نيشنل گرڊ ۾ خلل سبب 6 هزار ميگا واٽ بجلي سسٽم مان نڪتي، جنهن جي بحالي لاءِ آپريشن هلندڙ آهي. واپڊا جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر موجب بريڪ ڊائون سبب سڄي سنڌ ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي. گڊو ٿرمل پاور هائوس ۾ به فني خرابي ٿيڻ ڪري 832 ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندڙ 6 يونٽ ٽرپ ٿي ويا، جنهن سبب سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب کي گڊو ٿرمل پاور هائوس مان بجلي فراهمي معطل ٿي وئي. گڊو جي رپورٽر مطابق ٿرمل پاور ھائوس جي 600 ميگاواٽ جي سوئچ يارڊ ۾ فني خرابي ٿيڻ سبب بجلي پيدا ڪندڙ يونٽ بند ٿي ويا ۽ ملڪ جي وڏي بجلي گھر ۾ بجلي جي پيداوار زيرو ٿي وئي، جنهن سبب گڊو ٿرمل پاور ھائوس مان سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪوئيٽا، سبي، ملتان، فيصل آباد، سکر لاڙڪاڻو سميت مختلف علائقن ڏانهن بجلي جي فراھمي معطل ٿي وئي، جڏھن ته بجلي پيدا ڪندڙ يونٽ بند ٿيڻ بعد گڊو ٿرمل پاور ھائوس ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي، جنهن بعد گڊو ٿرمل پاور ھائوس جي انتظاميا گڊو ٿرمل پاور ھائوس ۾ پھچي فالٽ ڳوليندي رھي، جڏھن ته گڊو ٿرمل پاور ھائوس جا بجلي پيدا ڪندڙ سمورا يونٽ بند ٿيڻ بعد يونٽن اندر اوندهه ھجڻ سبب فالٽ ڳولڻ ۾ ڏکيائي پيش آئي، جنھن بعد گڊو پاور هائوس جي انتظاميا متبادل رستي ذريعي پاور ھائوس جي بجلي بحال ڪرائي ڇڏي، جڏهن ته مسلسل 10 ڪلاڪ گذرڻ باوجود گڊو ٿرمل پاور هائوس ۾ فالٽ ملي نه سگھيو ھو. رابطو ڪرڻ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر صبيع الزمان ٻڌايو ته گڊو ٿرمل پاور هائوس ۾ ڪٿي فالٽ نه ٿيو آهي، اين ٽي ڊي سي جي ھاءِ ٽرانسميشن لائينن ۾ فالٽ ٿيڻ سبب اسان جا يونٽ ٽرپ ٿي ويا. هوڏانهن ٽرانسميشن سسٽم ۾ خرابي سبب ڪراچي شهر ۾ راشد منهاس روڊ، گلستان جوهر، لياقت آباد سي ون ايريا، فيڊرل بي ايريا بلاڪ 13، 12، 11، ناظم آباد بلاڪ نمبر 4 ۽ 3، لانڍي، ملير، ماڊل ڪالوني، کارادر، لياري، اولڊ سٽي ايريا، ملير هالٽ ۽ رفاع عامه ۾ به بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي. سٽي ڪورٽس ۽ احتساب عدالتن سميت گلشن جمال، ملينيم مال، ڊالميا روڊ، گلستان جوهر ۽ گلشن اقبال جي مختلف علائقن ۾ بجلي غائب رهي. ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان موجب شهر ۾ مختلف هنڌن تي بجلي بند ٿيڻ جا اطلاع آهن، جنهن جي جاچ ڪئي پئي وڃي. ان کان علاوه جيڪب آباد، شڪارپور، سبي، دادو، راڄن پور، گهوٽڪي سميت رحيم يار خان شهر ۾ بجلي جي فراهمي معطل آهي. ٻئي طرف واپڊا ذريعن موجب بريڪ ڊائون فيصل آباد ۾ گٽي گرڊ اسٽيشن اندر ٿيل خرابي جو نتيجو آهي، جتي فني خرابي سبب گرڊ اسٽيشن ٽرپ ٿيو ۽ 500 ڪي وي جي لائينن ۾ گڙٻڙ ٿي پئي، ان جي نتيجي ۾ سڄو ڏکڻ پنجاب وڪڙ ۾ آيو، جنهن ۾ ملتان، فيصل آباد، ٽوبا ٽيڪ سنگهه، ڪراچي سميت سنڌ جا مختلف ضلعا بجلي کان محروم رهيا. ريجنل ڪنٽرول سينٽر ڄامشورو ۾ فني خرابي دوران فريڪوئنسي گھٽ ٿيڻ سبب حيسڪو ريجن جي 13 ضلعن سميت پوري سنڌ ۾ 12 ڪلاڪ بجلي بند ٿي وئي، جنهن سبب سمورو ڪاروهنوار بند ٿي ويو. صبح 9 وڳي کان شام 6 وڳي تائين بجلي مسلسل بند رهڻ ڪري اسپتالن ۽ ڪارخانن سان گڏ بجلي تي ھلندڙ سمورو ڪم ٺپ ٿي ويو. حيسڪو ترجمان موجب ريجنل ڪنٽرول سينٽر ڄامشورو ۾ گهٽ پاور فريڪوئنسي سبب ڊسٽري بيوشن ڪمپنين حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪيسڪو جي بجلي بند رھي. بجلي جي لڳاتار بند ٿيڻ سبب حيدرآباد ۾ پاڻي ۽ گئس جو پڻ بحران پيدا ٿي ويو ۽ شھرين سخت پريشاني کي منھن ڏنو. ڪراچي ۾ بجلي جي ڊگهي بريڪ ڊائون تي سنڌ ها ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر (سي اي او) جا ضمانت جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. هوڏانهن اين ٽي ڊي سي سسٽم ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون جو سخت نوٽيس وٺندي 4 رڪني جاچ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، جنهن جو سربراهه جي ايم ٽيڪنيڪل هوندو، ڪميٽي کي معاملي جي جاچ ڪري 4 ڏينهن اندر جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close