نوبل انعام ماڻيندڙ ملالا يوسفزئي پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن جي مدد لا پنهنجي فلاحي تنظيم ملالا فنڊ ذريعي 7 لک ڊالر ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. ملالا فنڊ تنظيم پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ملالا فنڊ پنهنجي طرفان عطيو ڪيل شروعاتي هنگامي امداد جي رقم کانسوا پاڪستان ۾ امدادي ڪم ڪندڙ تنظيمن کي 7 لک ڊالر تائين اضافي رقم عطيو ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي، اها هڪ اهڙي سيڙپڪار آهي، جنهن ۾ مقامي ڀائيوارن کي سڌي ريت فنڊنگ فراهم ڪرڻ ۽ فلڊ رليف فنڊ ۾ ڀائيواري ٻئي شامل آهن. ٻئي طرف ملالا يوسفزئي چيو ته ايڏي وڏي پئماني تباهي ٿي جو ان تي يقين ڪرڻ ڏکيو آهي، مختلف ماڻهو خاص طور تي عورتن ۽ ڇوڪرين جي زندگين تي جيڪو نفسياتي ۽ معاشي اثر پيو آهي، اهو بيان نٿو ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته لکين پاڪستاني موسمياتي تبديلين جا نتيجا ڀوڳي رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ عالمي اڳواڻن کي اڳتي وڌي جوابي اپائن لا منصوبن کي تيز ڪرڻ گهرجي ۽ پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ متاثر آبادي جي مدد لا گهربل مالي امداد جي سلسلي کي پڻ تيز ڪرڻ گهرجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close