وزيراعظم شهباز شريف ڀارت کي ڪشمير سميت سمورن مسئلن جي حل لا پرامن ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهين جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته خطي ۾ امن لا ڪشمير مسئلي جو حل ضروري آهي، والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ختم ٿيڻ تائين امن قائم نه ٿيندو، اڄ ڀارت پنهنجي اقليتن، پاڙيسري ملڪن، خطي ۽ پنهنجو پاڻ لا به خطرو بڻجي چڪو آهي، ان باوجود ڀارت سان ڳالهه ٻولهه لا تيار آهيان، اسان خطي ۾ وڌيڪ غربت ۽ بيروزگاري برداشت نٿا ڪري سگهون، اسان کي پنهنجي عوام کي صحت، تعليم ۽ روزگار جي فراهمي لا وڌيڪ وسيلا مختص ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڀارت سان ڳالهائينداسين پر سنجيدا ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهين لا ڀارت کي قدم کڻڻا پوندا. قازقستان جي گادي واري شهر آستانا ۾ سيڪا تحت ٿيندڙ سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سربراهي اجلاس کي خطاب ڪرڻ فخر جي ڳالهه آهي، پاڪستان سيڪا پليٽ فارم کي وڏي اهميت ڏئي ٿو ۽ قازقستان جي ليڊرشپ جو قدر ڪري ٿو. هن چيو ته ٻوڏ سبب پاڪستان جو وڏو نقصان ٿيو، ٻڏل علائقا سمنڊ جو ڏيک ڏئي رهيا آهن، ماڻهن جو سڀ ڪجهه وڃائجي ويو، متاثرن جو انگ ڪجهه ملڪن جي مجموعي آبادي کان به وڌيڪ آهي، پاڪستاني معيشت کي 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان پهتو، هزارين ڪلوميٽرن تي روڊ ۽ انفرا اسٽرڪچر تباهه ٿي ويو آهي. سندس چوڻ هو ته اسان جي پهرين ترجيح معيشت جي بحالي آهي، جڏهن ته ٻوڏ جي صورتحال ۾ امداد تي عالمي برادري جا ٿورا مڃون ٿا. اجلاس دوران وزيراعظم شهبازشريف سان فلسطين جي صدر محمود عباس ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ جذباتي ڳالهه ٻولهه اسلامي اخوت ۽ ڀائپي جو مثال بڻجي وئي، فلسطين جو صدر ۽ وزيراعطم شهباز شريف هڪٻئي سان خوشي وچان مليا. صدر محمود عباسي ۽ وزيراعظم شهبازشريف ۾ دلچسپ جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ دوران اوهان جي مدد لاءِ بي حد ٿورائتو آهيان، محمود عباس چيو ته پاڪستان اسان جو گهر آهي، پاڪستاني اسان جا ڀائر ۽ ڀينرون آهن پاڪستاني اسان جي گهر جا ماڻهو آهن اسان انهن لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو شهبازشريف چيو ته ايئن نه چئو، فلسطين ٻوڏ سٽيلن جي جنهن نموني مدد ڪئي اهو وساري نٿو سگهجي، پاڪستان ڪڏهن به فلسطينين کي وساري نٿو سگهي وزيراعظم چيو ته اوهان جي ڪاميابي تائين پاڪستان اوهان جي حق لاءِ اواز اٿاريندو رهندو، فلسطين اسان جي ايمان ۽ يقين جو حصو آهي، فلسطين اسان جي دل ۾ آهي، ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي حمايت ڪندڙ اڳواڻن ۾ اوهان به شامل آهيو، اوهان جي حمايت ۽ جذبي کي ڏسي دلي شڪريو ادا ڪريان ٿو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close