سنڌ

ڏوڪري ويجهو برسات متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

ڏوڪري ويجهو قديمي ڳوٺ چنا موچي جي برسات متاثر ڳوٺاڻن واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو. ان موقعي تي برسات متاثر ڳوٺاڻن غلام حيدر، نبي بخش، ميرمحمد، علي شير، راحب علي، غلام قادر ۽ ٻين روڊن تي نڪري احتجاج ڪيو. هنن دانهيندي چيو ته ڪيترائي گهر برسات سبب ڊهي پٽ پئجي ويا آهن پر چونڊيل نمائندن اسان جي ڪا سار سنڀال نه لڌي آھي. هنن چيو ته ڳوٺ ۾ گندگي جا ڍير ٿي ويا آهن. مليريا، گيسٽرو، ٽائيفائيڊ ۽ ٻين بيمارين ۾ اسان جا ننڍڙا معصوم ٻارڙا مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آھن پر هن ڳوٺ ۾ ڪا سرڪاري ميڊيڪل ڪئمپ به نه لڳائي وئي آھي. هنن ضلعي انتظاميا توڙي وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي هن ڏکي گهڙي ۾ ڀرپور مدد ڪئي وڃي ته جيئن اسان ٻيهر پنهنجي گهرن ۾ سڪون واري زندگي گذاري سگهون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button