لاڙڪاڻي جي ذوالفقار باغ واري علائقي جي رهواسين پاڪ ڪتاب کڻي گذريل ڏينهن ڪراچي مان مبينا طور کنڀي گم ڪيل نوجوان جي آزادي لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيرسن بيواهه عورت هير خاتون زال مرحوم فيض محمد بليدي پنهنجي ساهڙي رحمت خاتون، ڌيءُ نظيران خاتون، پٽن مختيار علي، حسنين بليدي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته اسان انتهائي غريب آهيون، منهنجو 20 ورهين جو نوجوان پٽ مجاهد علي بليدي هڪ سال کان وٺي ڪراچي جي جوهر اسڪوائر واري علائقي ۾ درزڪو ڪم ڪري گهرڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو هو، جنهن کي گذريل ڏينهن سول ڪپڙا پهريل نامعلوم اهلڪار سندس دڪان تان کنڀي کڻي ويا آهن. اهڙو اطلاع اسان کي اتان جي دڪاندارن فون تي ڏنو آهي. هن چيو ته پٽ مجاهد علي بليدي جو واسطو ڪنهن به سياسي جماعت سان ناهي ۽ نه ئي وري هن مٿان ڪو ڪيس وغيره داخل آهي، جيڪو گهر کان پري رهي گهرڀاتين لاءِ پورهيو ڪندو آهي، جنهن کي بيگناھه کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جيڪو ظلم ۽ زيادتي آهي. هن چيف جسٽس، آرمي چيف ۽ وڏي وزير کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پٽ کي آزاد ڪرائي ڇانيل پريشاني ختم ڪري انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close