سنڌ

بخشاپور جي مدينه مسجد وٽان نينگر کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش

بخشاپور ۾ نامعلوم ھٿياربندن مدينه مسجد وٽان 12 ورهين جي نينگر محڪم الدين عرف ڀولي پٽ آچر ڇڄڻ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اغوا کان بچي ويل نينگر موجب ته 2 جوابدار مسجد جي خالي پيل دڪانن ۾ لڪي ويٺا هئا، هنن مون کي لٺيون هڻي زوري موٽرسائيڪل تي کڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته هڪ واٽهڙو شخص گذريو ته رڙيون ڪرڻ دوران جوابدار مونکي ڇڏي فرار ٿي ويا. اغوا ڪار ٻيهر اغوا ڪرڻ جو چتا ڏيندي فرار ٿي ويا. واقعي کان بخشاپور پوليس بي خبر بڻيل رهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button