پاڪستانسنڌ

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ساراهه جوڳو آهي: ام رباب چانڊيو

دادو: سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي پاران 15 ڏينهن اندر فرد جرم لاڳو ڪرڻ ۽ 3 مهينن اندر ڪيس اڪلائڻ واري فيصلي جي ڪاپي کڻي ام رباب چانڊيو وڪيل صلاح الدين پنهور سان گڏ ڪالهه دادو جي عدالت پهتي، ام رباب چانڊيو ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ نديم بدر قاضي جي عدالت ۾ فيصلي جي ڪاپي جمع ڪرائي ڇڏي، ان موقعي تي ام رباب چانڊيو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ساراهه جوڳو آهي، عدالتن جي فيصلي تي پوري اميد آهي، گذريل 5 سالن کان عدالتن جا چڪر ڪاٽيا آهن اميد آهي ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ٿيندو.

هن چيو ته هاءِ ڪورٽ اهو فيصلو ڏنو آهي ته ڪيس ۾ جيڪي جوابدار آهن انهن تي 15 ڏينهن اندر فرد جرم لاڳو ڪري شاهد کي ٻڌي ٽن مهينن اندر ڪيس جو فيصلو ٻڌايو وڃي، هن چيو ته عدالتون مظلومن لاءِ ئي آهن ۽ مظلومن سان انصاف ڪرڻ لاءِ آهن، اسان سان ايڏي وڏي زيادتي ٿي آهي، ڏينهن ڏٺي جو اسان جي ٽن گهرڀاتين کي شهيد ڪيو ويو، اسان هتي اچون پيان قانون ۽ عدالتن تي يقين ڪري، الله جي ذات کانپوءِ عدالتون ئي اسان جون اميد آهن، سردار عدالتن کان ڀڄڻ چاهين پيا پر عدالت واضع ڪيو آهي ته ڪوبه قانون کان مٿانهون ناهي، هن چيو ته 29 تاريخ تي شنوائي آهي جنهن ۾ فرد جرم لاڳو ٿيندو، هن چيو ته اميد آهي ته 29 تاريخ تي سڀني جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو ويندو ۽ اسان کي انصاف ملندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button