پاڪستانسنڌ

ٿرڙي محبت ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ڪرڻ خلاف مزدور اتحاد جو احتجاج

ٿرڙي محبت: ٿرڙي محبت ۾ مزدور اتحاد پاران ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ڪرڻ خلاف علي حيدر لاشاري، سنڌ مزدور اتحاد ضلعي دادو جي صدر ڪامريڊ انعام کوسو، ضمير لاشاري، زبير نوناري، وحيد نوناري، امداد لاشاري، شيرل لاشاري، ساگر لاشاري، نعمان نظير جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته برسات ۽ ٻوڏ کي ختم ٿئي 2 مهينا گذري ويا آهن پر متاثر ٿيل ماڻهو بي يارو مددگار بڻيل آهن، راشن ۽ ٽينٽ من پسندن کي ڏنا پيا وڃن، جڏهن ته غريبن کي ڪير پڇڻ لاءِ تيار ناهي. هتان جا پ پ اڳواڻ راشن پنهنجي من پسندن کي ڏيئي متاثرن کي بکيو ڪري مارڻ چاهين ٿا. هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي حقيقي متاثرين ۾ راشن ۽ ٽينٽ ڏنا وڃن، ٻي صورت ۾ اسان احتجاج کي وڌائينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button