پاڪستانسنڌ

منڇر جا ڪٽ بند نه ٿيا، ٽن يوسيز تي پاڻي جو دٻا برقرار

ڀان سيد آباد(رپورٽ: ذوالفقار مينگل) منڇر ڍنڍ جي پاڻي ۾ لاٿ، سطح 115 ڏهائي 3 آر ايل تائين پهچي وئي، منڇر کي لڳل ڪٽ اڃا تائين بند نه ٿيا، پاڻي سبب علائقي ۾ ڪڻڪ جي پوکي به نه ٿي سگهي، بوبڪ، واهڙ ۽ جعفرآباد يوسيز تي اڃا تائين پاڻي جو دٻاءُ برقرار. خبر موجب پاڪستان جي سڀ کان وڏي منڇر ڍنڍ جي پاڻي ۾ لاٿ اچڻ جو سلسلو جاري آهي. آبپاشي کاتي جي انگ اکرن موجب منڇر ۾ پاڻي جي سطح 115 ڏهائي 3 آر ايل تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته منڇر کي لڳل ڪٽ اڃا تائين بند نه ٿي سگهيا آهن، جنهن جي ڪري ٻوڏ متاثر 5 يوسيز ۾ پاڻي بيٺل هجڻ سبب ڪڻڪ جو فصل به پوکجي نه سگهيو آهي، جڏهن ته يونين ڪائونسل بوبڪ، وڏي وزير جي اباڻي يونين ڪائونسل واهڙ ۽ يوسي جعفرآباد تي اڃا تائين پاڻي جو دٻاءُ به برقرار آهي، جنهن جي ڪري رهواسين کي سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، ڄاڻايل ٽنهي يوسين بوبڪ، جعفرآباد ۽ واهڙ جي 200 کان وڌيڪ ڳوٺن جي چوطرف 5 کان 8 فٽ ٻوڏ وارو پاڻي موجود آهي، هر طرف پاڻي ئي پاڻي موجود هجڻ سبب علائقي ۾ گيسٽرو، مليريا سميت ٻين بيمارين پڻ منهن ڪڍيو آهي، علائقي واسين پاران منڇر جا ڪٽ بند ڪرڻ جي گهر ڪندي متاثرن کي ريليف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

ان سلسلي ۾ آبادگار اڳواڻ منظور جمالي ٻڌايو ته منڇر ڍنڍ کي 4 سيپٽمبر تي ڪٽ لڳائي پاڻي جو ڇوڙ آبادي طرف ڪيو ويو هو، ڪٽ لڳڻ کي 39 ڏينهن گذري چڪا آهن، پر نااهل انتظاميا ڪٽ بند نه ٿي ڪري، جيڪڏهن ڪٽ بند نه ٿيا ته علائقي ۾ ڪڻڪ ۽ مرچن جي فصل جي پوکي متاثر ٿيندي ۽ ڪڻڪ پوکي متاثر ٿيڻ سبب علائقي ۾ ڪڻڪ جو وڏي پئماني تي بحران پيدا ٿيندو، يونين ڪائونسل جعفرآباد جي رهواسي اشفاق احمد بروهي، پرتو لنڊ، شهمير پنهيار، بخشل جمالي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ٻوڏ کانپوءِ ريليف پروگرام وڏيرن ۽ ڀوتارن حوالي ٿي ويو آهي، ٻوڏ متاثرن جو راشن حقيقي متاثرن کي ملڻ بدران وڏيرن جي من پسند ماڻهن کي ملي رهيو آهي، جيڪا ٻوڏ متاثرن سان مذاق آهي، هنن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي نه خيما مليا آهن نه ئي راشن مليو آهي، هر طرف پاڻي ئي پاڻي بيٺل هجڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي پر ضلعي انتظاميه مڇردانيون به فراهم نه ٿي ڪري، جنهن جي ڪري ٻوڏ متاثر پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن، ٻوڏ متاثرن واهر نه ٿيڻ ۽ ريليف سرگرمين ۾ متاثرن کي نظرانداز ڪرڻ تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button