پاڪستانسنڌ

ضلعي مان 94 سيڪڙو برساتي پاڻي ڪڍيو ويو آهي:ڊي سي عمرڪوٽ

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ جي ڊپٽي ڪمشنر / چيئرمين ڊي ڊي ايم اي عمرڪوٽ ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو چيو آهي ته ضلعي عمرڪوٽ اندر بيٺل برساتي پاڻي جو 94 سيڪڙو نيڪال ڪيو ويو آهي، باقي رهيل پاڻي پڻ جلد نيڪال ڪيو پيو وڃي. ھن چيو ته ضلعي ۾ برساتن دوران ٿيندڙ نقصان جي سروي وارو ڪم احسن طريقي سان سرانجام ڏنو پيو وڃي ۽ آبادگار ربيع فصل جي پوکائي پڻ ڪري سگھن ٿا. اھڙن خيالن جو اظهار ھن ڊي سي آفيس جي درٻار ھال ۾ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي عمرڪوٽ جي سمورن ميمبرن ۽ تعلقي ليول تي جوڙيل ٽاسڪ فورس جي عملدارن سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايم پي اي امير علي شاهھ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. گڏجاڻي ۾ پاڪ آرمي ڇور ڪينٽ جي ڪرنل ڪامران، ايس ايس پي عمرڪوٽ اعجاز احمد شيخ، اڳوڻي ضلعي چيئرمين ڊاڪٽر نور علي شاهه، حاجي محمد بقا پلي، غلام اڪبر درس، شاھنواز جوڻيجو، ميان خالد ولھاري، غلام مصطفي کوسو، اسسٽنٽ ڪمشنرن، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر فريد احمد ھنگورجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو سمورن اي سيز کي هدايت ڪندي چيو ته برسات سبب متاثر ٿيندڙ گھرن، سرڪاري عمارتن ۽ عوام کي ٿيندڙ نقصانن لاءِ ڊيميج اسسمينٽ سروي واري ڪم کي جلد مڪمل ڪيو وڃي ۽ سروي ٽيمن جي مڪمل نگراني ڪئي وڃي. ھن سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن کان بيٺل برساتي پاڻي جي نيڪالي، ٻوڏ متاثرن لاءِ ھلندڙ امدادي سرگرمين ۽ رليف ڪئمپ بابت معلومات ورتي. ھن ڊي ايڇ او کي ھدايت ڪندي چيو ته ضلعي عمرڪوٽ جي سمورن اسپتالن ۾ مريضن کي طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button