پاڪستانسنڌ

ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ ڪوٽا تحت ڪڻڪ نه ملڻ تي سموريون چڪيون بند

چمبڙ: چمبڙ ۾ فلور ملز ايسوسيئيشن پاران چمبڙ سميت سڄي ضلعي ۾ فوڊ کاتي پاران ڪوٽا وڌيڪ نه ڏيڻ تي احتجاج طور اٽي جون چڪيون بند ڪري ڇڏيون. فلور مل ايسوسيئيشن پاران خوراڪ کاتي طرفان ڪوٽا مطابق ڪڻڪ نه ڏيڻ تي ٽنڊوالهيار، چمبڙ ۽ سنجر چانگ سميت ٻين شھرن ۾ چڪيون بند ڪيون ويون آهن. فلور ملز ايسوسيئيشن جي اڳواڻ اسماعيل قريشي جو چوڻ آھي ته سنڌ حڪومت اسان کي پنهنجي ڪوٽا تحت ڪڻڪ فراھم نه پئي ڪري، جنهن ڪري چڪيون بند ڪيون آهن، اڳ ۾ خوراڪ کاتو اٽي چڪين کي ھڪ مھيني لاءِ پر اسٽون يعني ھڪ پٿر تي 100 ٻوريون ڏيندو هو، هاڻ في پٿر تي 11 ٻوريون مهيني لا ڪوٽا مقرر ڪئي وئي آهي، پر اسان هڪ هفتي کان احتجاج طور اها ڪُٽا نه کنئي آهي، ان ڪري ئي سستي اگهه تي اٽو وڪرو ڪري نٿا سگهون. اوپن مارڪيٽ مان اسان کي مھانگي اگهھ تي ڪڻڪ خريد ڪرڻي پوي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button