سنڌ

چين جو سنڌ جي ٻوڏ متاثرن لا 500 يوآن جو عطيو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وزيراعليٰ هائوس ۾ چيني قونصل جنرل لي بيجيان سان ملاقات ۾ چيو آهي ته تيز برساتن ۾ ڊهي پٽ ٿيل گهرن جي اڏاوت لاءِ قائم ڪيل ڪمپني ۾ خانگي شعبي جا اهم ماڻهو شامل ڪيا ويا آهن ته شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي اڏاوت لاءِ قرض ڏيندڙ ايجنسين کان جيڪي فنڊ گڏ ڪيا ويا يا ورتا ويا آهن، انهن کي شفاف طريقي سان استعمال ڪيو ويندو ۽ ان جو آڊٽ ڪنهن ناليواري فرم کان ڪرايو ويندو. وڏي وزير مراد علي شاهه سرندي وارن، عالمي برادري، ويجهن دوست ملڪن ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين کي دعوت ڏني ته اهي اچن ۽ ڊهي پٽ ٿيل گهرن جي اڏاوت لاءِ ڪو علائقو/ پاڙو يا ڳوٺ چونڊي پنهنجن ٺيڪيدارن يا تعميراتي ڪمپنيءَ کان ڪم ڪرائين، صوبائي حڪومت کين هر قسم جي مدد فراهم ڪندي. وڏي وزير چيو ته تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب 3 ڏهائي 8 ملين گهر تباهه ٿيا آهن، جنهن لاءِ سندس حڪومت گهرن جي بحاليءَ لاءِ 500 ملين ڊالرن جي قرض جي ڳالهه ڪئي آهي پر گهرن جو انگ ايترو آهي جو سڀني بي گهر ماڻهن جا گهر تعمير ڪرڻ لا وڌيڪ سهڪار جي ضرورت آهي. چيني قونصل جنرل وڏي وزير کي ٻڌايو ته سندس ماهرن جي ٽيم سکر ڊويزن جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪري تباهه ٿيل گهرن جو سروي ڪندي ۽ انکانپوءِ گهرن جي تعمير لاءِ علائقن کي چونڊيو ويندو. وڏي وزير متاثر ماڻهن جي بحاليءَ ۾ سنڌ حڪومت جي مدد تي چيني حڪومت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا. چيني قونصل جنرل ڪراچي لاءِ هڪ لک (يوآن) جو چيڪ ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ سي ايم فنڊ ۾ پنج لک (يوآن) جو چيڪ وڏي وزير کي پيش ڪيو. وڏي وزير صوبي جي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪرڻ تي قونصل جنرل، چيني حڪومت ۽ سندس عوام جا ٿورا مڃيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button