سنڌ

عمران خان پاڪستان جو سڀ کان وڏو ڌاڙيل آهي:شرجيل ميمڻ

اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ عمران خان جي ڪراچي ۾ خطاب تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته عمران خان صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي تي الزام لڳائي پنهنجو قد وڌائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان پاڪستان جو سڀ کان وڏو ڌاڙيل آهي. مني لانڊرنگ، فارن فنڊنگ، پشاور بي آر ٽي ۽ سوين اسڪينڊلز مان اھو ظاھر ٿي چڪو آهي. ڪاش اڄ ڪو ڪارڪن عمران خان کان پڇي ها ته 11 سئو ارب ۽ 262 ارب رپين جا ڪراچي پيڪيج ڪيڏانهن ويا؟ عمران خان ٻڌائي ته سندس 4 سالن جي دور ۾ ڪراچي ۾ ڪهڙو ترقياتي منصوبو شروع ٿيو؟شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان معصوم ماڻهن کي گمراهه ڪري رهيو آهي. سندن ئي صدر عارف علوي به چيو ته هو پرڏيهي سازش جي بياني جو قائل ناهي. پاڪستان جو هٽلر هاڻي پنهنجي ويجهن ساٿين جي به نٿو ٻڌي، ڪيترائي ماڻهون کيس ڇڏي چڪا آهن، ڪيترائي کانئس پاسو ڪرڻ وارا آهن هوڏانهن سنڌ جي اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جون امدادي سرگرميون جاري آهن. متاثر علائقن مان پاڻي جي نيڪال جو عمل تيز ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي جي سطح 115 ڏهائي 9 فٽ آهي، جتي پاڻي جو ذخيرو 0 ڏهائي 561 ايم اي ايف آهي. هن چيو ته اڙل هيڊ ريگيوليٽر تي پاڻي جو اخراج 9130 ڪيوسڪ ۽ اڙل ٽيل ريگيولٽر تي اخراج 17950 ڪيوسڪ آهي. دانستر هيڊ ريگيوليٽر تي اخراج 2780 ڪيوسڪ آهي. ايل ايس بند جي مائل 99 تي ڪٽ 1 مان پاڻي جو ڇوڙ 4650 ڪيوسڪ ۽ مائل 97 ڪٽ 2 مان پاڻي جو ڇوڙ 4700 ڪيوسڪ آهي. منڇر ڍنڍ مان سنڌو درياهه ۾ پاڻي جو مجموعي ڇوڙ 29210 ڪيوسڪ آهي. صوبائي وزير اطلاعات چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 34893 خاندانن کي راشن بيگز فراهم ڪيا ويا آهن. بدين ۾ 1000 خاندانن ۾ راشن بيگز تقسيم ڪيا ويا. اهڙي طرح دادو ۾ 2313، مٽياري 1400، ٽنڊوالهيار 1000، ٽنڊو محمد خان 878، ٺٽو 1000، جيڪب آباد 3809، لاڙڪاڻو 8000، قمبر شهدادڪوٽ 5928، خيرپور ميرس 2500، سانگهڙ 300، شهيد بينظيرآباد 2765، سکر 3000 ۽ عمرڪوٽ ۾ 1000 خاندانن کي راشن بيگس فراهم ڪيا ويا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن جي رپورٽ جي مطابق متاثرن ۾ وڌيڪ 3000 مال جون مڇردانيون، 1200 سولر لائٽس ورهايون ويون آهن. هاڻي تائين متاثرن کي 612908 خيما، 535457 پلاسٽڪ ترپال، 3237345 مڇر دانيون، 800815 ليٽر منرل واٽر، 135223 پڪل کاڌي جون ديڳيون ۽ ٻيو سامان فراهم ڪيو ويو آهي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 500 متاثر رليف ڪيمپن مان پنهنجي گهرن ڏانهن واپس وڃي چڪا آهن، هن وقت رليف ڪيمپن ۾ 242571 متاثر موجود آهي. جن ۾ 66939 ٻار ۽ 52865 عورتون شامل آهن. رليف ڪيمپن ۾ متاثرن کي ٻه وقت جو پڪل کاڌو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button