سنڌ

ٻيهر ماضي وانگر حڪومت ڏني وئي ته قبول نه ڪندس:عمران خان

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته اسٽيبلشمينٽ اسان سان گڏ هئي پر حڪومت جي آخري ٽن چئن مهينن جي اسان سان گڏ نه هئي.ڪراچي ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته وزيراعظم هوندي به نيب تي منهنجو اختيار نه هو، جيڪڏهن ماضي وانگر=ٻيهر حڪومت ڏني وئي ته قبول نه ڪندس. عمران خان چيو ته سياسي پارٽي آمريڪا ڏانهن نه پر عوام ڏانهن ويندي آهي، هي چور ۽ ڪرپٽ ٽولا پنهنجا ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ اقتدار ۾ آيا، کين عوام سان ڪا به همدردي ناهي.هن وڌيڪ چيو ته هي ضمني اليڪشن نه پر پاڪستان جي مستقبل جو تعين ڪرڻ جي اليڪشن آهي.ان کان اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ڪراچي بار پاران ڪوٺايل تقريب ۾ وڪيلن کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان تاريخ جي فيصلائتي موڙ تي بيٺو آهي، جيڪڏهن انهن چورن کي اين آر او 2 ڏنو ويو يا هو ڪامياب ٿي ويا ته پوءِ ملڪ جو ڪو مستقبل نه هوندو. عمران خان سان گڏ اسد عمر ۽ عمران اسماعيل موجود هو. عمران خان ڪراچي بار ۾ وڪيلن کي خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي بار پاران دعوت لاءِ ٿورائتو آهيان، ملڪي تاريخ جو سڀ کان فيصلائتو مرحلو آهي، وڏن وڏن ڏوهارين کي اين آر او ٽو ڏئي ڇڏيو ته ملڪ جو ڪو مستقبل نه آهي، ننڍو چور جيل ۽ وڏو چور ايوان ۾ ويهي ته ملڪ جو ڪهڙو مستقبل آهي، وڪيل قانون جي حڪمراني سمجهن ٿا، جيڪڏهن قانون جي حڪمراني جا بکيا اڊيڙيا ويا ته مستقبل خراب ٿيندو، اسان کي اهو ناهي ٿيڻ ڏيڻو. انهن چورن جي خلاف حقيقي آزادي جو جهاد ڪري رهيو آهيان. هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته اوهان سڀ گڏ هجو، قيام پاڪستان جي جدوجهد ۾ ٻن وڪيلن ليڊ ڪيو، اسان چاهيون ٿا ته جدوجهد ۾وڪيل گڏ هجن. عمران خان چيو ته ڦورو لٽي ٻاهر وڃن ٿا ۽ اين آر او وٺي واپس اچن ٿا ۽ پوءِ ڦرلٽ ڪن ٿا. عمران خان چيو ته اسان جي ملڪ جي وڪيلن قانون جي حڪمراني لاءِ هميشه جدوجهد ڪئي آهي، جنهن نموني 1947 ۾ تحريڪ پاڪستان ۾ عظيم وڪيلن ليڊ ڪئي هئي. هن چيو ته حقيقي آزادي رول آف لا جا وڪيل اٿن، هن ڀيري هي چور جيڪڏهن ڪامياب ٿي ويا ته اسان جي ملڪ جو ڪوئي مستقبل نه آهي. مان چاهيان ٿو ته حقيقي آزادي جي جدوجهد ۾ سڀ ماڻهو مون سان گڏ هلن، اهڙي طرح اسان ڪامياب ٿينداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button