پاڪستان

وفاقي گهرو وزير جي گرفتاري ٽري وئي، عدالت ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو

وفاقي گهرو وزير راڻا ثنا الله گرفتاري کان بچي ويو، لاهور ها ڪورٽ اينٽي ڪرپشن کاتي پنجاب کي سندس خلاف ڪارروائي کان روڪي ڇڏيو آهي. تفصيل موجب لاهور ها ڪورٽ جي راولپنڊي بئنچ جي جج جسٽس صداقت علي خان درخواست تي شنوائي دوران وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله جا گرفتاري وارنٽ معطل ڪندي اينٽي ڪرپشن کاتي کي سندس خلاف ڪارروائي نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. عدالت اينٽي ڪرپشن جي جاچ ٽيم کي نوٽيس جاري ڪندي 17 آڪٽوبر تي ڪيس جو رڪارڊ طلب ڪيو آهي، جڏهن ته گهرو وزير جي گرفتاري لا ڇاپا هڻڻ کان روڪڻ جو نوٽيس به جاري ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته نواز ليگ اڳواڻ ۽ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله تي ڪلر ڪهار ۾ نجي هائوسنگ سوسائٽي جي مالڪ کان رشوت ۾ 2 پلاٽ وٺڻ ۽ غير قانوني سوسائٽي جي رجسٽريشن ڪرائڻ جو الزام آهي، ان سلسلي ۾ اسپيشل جوڊيشل مئجسٽريٽ اينٽي ڪرپشن پيش نه ٿيڻ تي سندس گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button