پاڪستان

ٽارگيٽڊ سبسڊي وسيلن جو ذيان آهي، پاڪستان ٻيا ذريعا استعمال ڪري: آئي ايم ايف

ناڻي واري وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته عالمي مالياتي فنڊ (آ ايم ايف) ناڻي واري وزير اسحاق ڊار کي مستقبل ۾ سهڪار جار رکڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ٻئي پاسي آ ايم ايف اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي ٽارگيٽڊ سبسڊي ختم ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته اهو وقت ذيان ڪرڻ برابر آهي. ناڻي وزارت پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ته ناڻي وزير اسحاق ڊار جي آئي ايم ايف جي ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان ملاقات ٿي، جنهن ۾ هن پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ سبب ٿيل غير معمولي نقصانن کان آئي ايم ايف عهديدار کي آگاهه ڪيو. اسحاق ڊار معيشت کي مستحڪم ۽ جٽادار بڻائڻ ۽ بحالي لاءِ حڪومتي قدمن بابت بريفنگ ڏني. پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو ته ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر آئي ايم ايف پاران معيشت جي بحالي لاءِ پاڪستان حڪومت جي قدمن جي تعريف ڪئي وئي ۽ مستقبل ۾ تعاون جي خاطري ڪرائي وئي. اسحاق ڊار جي عالمي بئنڪ جي صدر ڊيوڊ مالپاس سان به ملاقات ٿي، جنهن ۾ هن ٻوڏ بعد بچاءُ ۽ امدادي سرگرمين سميت پاڪستان ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مسلسل تعاون تي ورلڊ بئنڪ جو شڪريو ادا ڪيو. عالمي بئنڪ جي صدر ڊيوڊ مالپاس چيو ته پاڪستان کي ٻوڏ سبب سماجي ۽ اقتصادي چئلينجن تي ضابطو آڻڻ ۾ گڏجي ڪم ڪنداسين. ناڻي وزارت جي پڌرائي ۾ چيو ويو ته پاڪستان آئي ايم ايف جي پروگرام کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي برطانيا ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ پاڪستان کي اضافي 10 ملين پائونڊ ڏيندو جنهن بعد برطانيا جي ڪل امداد 26 ڏهائي 5 ملين پائونڊ تائين پهچي ويندي. ٻئي طرف آ ايم ايف وفد نائين جائزي لا ايندڙ مهيني نومبر ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو. وچ ايشيا بابت آ ايم ايف ڊائريڪٽر پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته پاڪستان ۽ خطي جي ٻين ملڪن کي ٽارگيٽڊ سبسڊي ختم ڪري وسيلا استعمال ڪرڻا پوندا، ڇاڪاڻ ته ٽارگيٽڊ سبسڊي وسيلن جو ذيان آهي ۽ مددگار ثابت نٿي ٿئي، پاڪستان ۾ آيل ٻوڏ ۽ تباهي تي ڏک پهتو، اسان جون همدرديون پاڪستاني عوام سان گڏ آهن، پاڪستان سان قرض معاهدي ۾ توسيع ڪري رقم پڻ وڌائي وئي آهي، حتمي ڪاٿو لڳائڻ بعد پاڪستاني اختيارين جو موقف ٻڌي امدادي اپائن جو فيصلو ڪنداسين، جائزو وٺڻ بعد پتو پوندو ته پاڪستان جي ڪهڙي نموني مدد ڪري سگهجي ٿي، پاڪستان سميت ٻين ملڪن کي چئي رهيا آهيون ته سبسڊي ڏيڻ بدران وسيلا استعمال ڪن، اهو آ ايم ايف جو شرط ناهي پر مهانگائي جي دور ۾ ضرورتمندن جي مدد جو طريقو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button