پاڪستان

اعتزاز احسن کي پيپلز پارٽي مان نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو

پيپلز پارٽي اهم اداري جي سربراهھ ۽ پارٽي پاليسي خلاف بيان ڏيڻ تي سينيئر اڳواڻ بئريسٽر اعتزاز احسن جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (سي اي سي) ڪميٽي ۽ بنيادي ميمبر شپ معطل ڪري کيس پارٽي مان نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کان منظوري وٺڻ بعد هاڻي پنجاب ايگزيڪيوٽو ڪميٽي پارٽي جي جنرل سيڪريٽري ڏانهن سفارشون موڪليندي. ذريعن موجب ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس ۾ اعتزاز احسن جي بيانن خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو ويندو، جڏهن ته کيس پنجاب ايگزيڪيوٽو ڪميٽي پاران شوڪاز نوٽيس پڻ اماڻيو ويندو. اعتزاز احسن کي انتظامي طور فارغ ڪرڻ لا پنجاب جي صوبائي قيادت کي ٽاسڪ ڏنو ويو، جڏهن ته پارٽي مان خارج ڪرڻ لا آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کان به حتمي منظوري ورتي وئي آهي. ذريعن موجب اعتزاز احسن خلاف ڪارروائي جو فيصلو آصف زرداري جي هدايت تي ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button