پاڪستان

بلوچستان ۾ دهشتگردي جا واقعا،اڳوڻو چيف جسٽس قتل، بم ڌماڪي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا

بلوچستان جي شهرن خاران ۽ مستونگ ۾ دهشتگردي جي ٻن مختلف واقعن ۾ ها ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس محمد نور مسڪانزئي سميت 6 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آهن. تفصيل موجب خاران جي علائقي گزگي ۾ بلوچستان ها ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس محمد نور مسڪانزئي تي مسجد اندر نماز جي ادائيگي دوران نامعلوم جوابدارن فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو. اڳوڻي چيف جسٽس کي شروعاتي طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد وڌيڪ علاج لا ڪوئيٽا نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو. واضح رهي ته محمد نور مسڪانزئي ڊسمبر 2014ع کان آگسٽ 2018ع تائين بلوچستان ها ڪورٽ جو چيف جسٽس رهيو، ان کان سوا هو وفاقي شرعي عدالت جو به اڳوڻو چيف جسٽس رهيو. اڳوڻو چيف جسٽس محمد نور مسڪانزئي آگسٽ 2018ع ۾ بلوچستان ها ڪورٽ مان رٽائر ٿيو هو. هوڏانهن مستونگ ۾ ڪانڌين تي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا آهن. مليل ڄاڻ موجب مستونگ جي علائقي دشت ڪابو ۾ مڙهه کي دفنائي واپس ايندڙن کي ڌماڪي سان نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ 5 ڄڻا موت جو کاڄ بڻجي ويا ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي. ليويز موجب ڌماڪي ۾ ٻن گاڏين کي ريموٽ ڪنٽرول سان نشانو بڻايو ويو، ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن قبائلي ماڻهو مڙهه دفنائي واپس اچي رهيا هئا. ڌماڪي بعد ليويز، پوليس ۽ امدادي ٽيمن جي رضاڪارن واقعي واري هنڌ پهچي لاشن ۽ زخمين کي ڪوئيٽا اسپتال منتقل ڪيو. ٻئي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر دشت فريدا ڪاڪڙ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڌماڪي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي هجڻ ڪري فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته ڌماڪي واري هنڌ تي بارودي سرنگهون هجڻ جو امڪان آهي، تنهن ڪري بم ڊسپوزل عملي کي طلب ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button