سنڌ

باڊهه ۾ جي يو آئي جي ڪارڪنن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

باڊهه ۾ برسات متاثر جمعيت علما اسلام جي ڪارڪنن ۽ سندن مائٽن جي واهر نه ٿيڻ خلاف بيوس چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي محمد حسن نوناري، الياس نوناري، غلام عباس نوناري، مولانا عبدالخالق نوناري، معشوق علي، عبدالحميد نوناري ۽ ٻين دانهيندي چيو ته هن وقت تائين سرڪار سميت ڪنهن واهر نه ڪئي آهي، ٻيو ته ٺهيو پر اسان جي جميعت علما اسلام به ڪا واهر نه ڪئي آهي. هنن چيو اسان کي ميڊيا وسيلي خبر پوي ٿي ته علامه مولانا راشد محمود سومرو سموري سنڌ جي ڪارڪنن سميت باڊهه جي ورڪرن جي مدد ڪري رهيو آهي پر اسان کيس هن ميڊيا وسيلي آگاهي ڏيندي اپيل ٿا ڪريون ته توهان پاران موڪليل امداد يا راشن باڊهه جي ڪارڪنن تائين نه پهچي رهيو آهي. جميعت علما اسلام پاران موڪليل راشن توڙي امداد ڪجهه اڳواڻ پنهنجي من پسند ماڻهن کي ڏيئي رهيا آهن، جيڪا ناانصافي آهي، جنهن جو ازالو ٿيڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button