سنڌ

شهدادڪوٽ ويجهو روڊ کي ڏنل ڪٽ ڪراس ڪرڻ دوران 2 نوجوان ٻڏي فوت

شھدادڪوٽ ويجهو قمبر روڊ کي ڏنل ڪٽ کي ڪراس ڪندي موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ ڪري اونھي کڏ ۾ موٽرسائيڪل ڪرڻ سبب 2 نوجوان 22 ورهين جو انس ڪمبوهه ۽ 26 ورهين جو ثنا الله ڪمبوهه ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويا. انس ڪمبوهه ۽ ثنا الله ڪمبوهه ٻئي پاڻ ۾ دوست ۽ مائٽ هئا. قمبر روڊ ڀرسان ھوٽل تان چانهھ پيئڻ بعد پنھنجي گھر اچي رھيا ھئا ته موٽرسائيڪل سلپ ٿيڻ سبب قمبر شھدادڪوٽ روڊ کي لڳل ڪٽ ۾ ڪري پيا، جتي پڻ ٻوڏ جو پاڻي بيٺل ھو، رستي ويندڙ نوجوانن جي گھڻي ڳولا بعد نوجوانن کي ٻوڏ جي پاڻي مان ڪڍي ٻنھي کي شھدادڪوٽ اسپتال پھچايو، جتي ڊاڪٽرن ٻنھي نوجوانن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ٻنھي فوت ٿيل نوجوانن جا لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button