سنڌ

باڊهه پوليس جي منشيات فروش گرفتار ڪرڻ جي دعوى

باڊھه پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ منشيات فروش گرفتار ڪري ورتو. پوليس رائيس ڪئنال پل وٽ ڪارروائي ڪندي ممتاز بروهي کي منشيات سميت گرفتار ڪري ورتو، جڏھن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ڪامياب ٿي ويا. ان سلسلي ۾ ايس ايڇ او باڊهه اختر عباس ابڙو جو چوڻ هو ته ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي جوابدار کي منشيات سميت گرفتار ڪيو آهي. جڏھن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويا، جن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. جوابدار ممتاز بروهي تي منشيات ايڪٽ موجب ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته منشيات جي ڪڌي ڪاروبار ۾ملوث عنصرن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button