چيلهار: چيلهار ۾ ڦٽاڪا ڦاڙڻ دوران 3 ڪکاون گهر سڙي ويا. ڳوٺ اڪليون ۾ ڦٽاڪا ڦاڙڻ دوران پورهيت رميش، سناف ۽ جيٺو ميگهواڙ جي 3 ڪکاون چونئرن کي باهه لڳي وئي، جنهن سبب چونئرن ۾ 10 مڻ کان وڌيڪ ٻاجهر ۽ ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو، جنهن جي ڪري ڏياري جون خوشيون ختم ٿي ويون. چونئرا سڙڻ بعد پورهيت ٻارن سميت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، جن جي اختيارين ڪا مدد ناهي ڪئي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close