پاڪستانسنڌ

دادو ۾ نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لا سڄاڻ ڌرين جو ڌرڻو

دادو: دادو ۾ هڪ هفتو اڳ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيل نوجوان دانش جمالي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف چئمبر آف ڪامرس جي سڏ تي واپارين، دڪاندارن، سياسي، سماجي اڳواڻن، اديبن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن توڙي وارثن گل حسن پنهور، بابن خان سرهيو، رفيق جمالي، سجاد جمالي، علي جمالي، فاروق خشڪ، عبدالحميد جمالي ۽ ٻين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ميونسپل پارڪ کان مارچ ڪري پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ جوابدارن جي گرفتاري لا نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته دادو ۾ بدامني وڌي رهي آهي، پوليس ننڍ ستل آهي، قاتلن جا سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ اچڻ باوجود پوليس قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي. هنن چيو ته شهيد دانش جمالي جي قتل کي 7 ڏينهن گذري ويا آهن، پر پوليس ڪجهه ناهي ڪيو. 10 ڏينهن دوران 15 کان وڌيڪ ڦر جون وارداتون ۽ 20 کان وڌيڪ چوري جون وارداتون ٿيون آهن. هنن مطالبو ڪيو ته جلد شهيد دانش جمالي جا قاتل قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ جمعي ڏينهن شٽربند هڙتال ڪري ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button