پاڪستانسنڌ

ڇاڇري ۽ ڏاهلي ۾ باهه لڳڻ سبب 5 گهر سڙي رک

ڇاڇرو: ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ سليمان ساند ۽ ڇاڇري جي ڳوٺ ڀارمل ۾ باھه لڳڻ سبب 5 پورهيتن جا ڪکاوان گهر سڙي ويا. ڏاهلي جي ڳوٺ سليمان ساند ۾ باهه لڳڻ سبب هڪ ئي خاندان جي چار پورھيتن سومار ساند، علي محمد ساند، اميد علي ساند ۽ عبدالرئوف ساند جا ڪکاوان گهر مڪمل طور سڙي رک ٿي ويا، گهرن ۾ پيل کٽون، بسترا، سون چاندي جي زيورن سميت لکين رپين جو سامان سڙي ويو، گهر سڙڻ بعد باهھ متاثر خاندان کليل آسمان هيٺ ترسيل آهن. ڇاڇرو جي ڳوٺ ڀارمل جي غريب پورهيت بچو پٽ پنو ميگهواڙ جي ڪکائين گهر کي باھه لڳڻ سبب 3 چوئنرا رک ٿي ويا، جنهن سبب 3 نياڻين جي ڏاج سميت سمورو سامان رک ٿي ويو. ڳوٺاڻن مڙسي ڪري باهه وسائي. متاثر خاندان معصوم ٻارن سميت کليل آسمان هيٺ ترسيل آهن. هنن ضلعي انتظامیا کان اپيل ڪئي ته هنگامي بنيادن تي اسان غريبن جي مدد ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button