پاڪستانسنڌ

ڇاڇرو لڳ ڳورهاري عورت دائي پاران ويم ڪرائڻ بعد فوت

ڇاڇرو:ڇاڇرو ويجهو ڳوٺ ٻپراڙيو جي رهواسڻ ڳورهاري عورت علمان زال مهيش ميگھواڙ جو 5 ڏينهن اڳ ڳوٺ ۾ دائي پاران ويم ڪرايو ويو هو، جنهن جي ڪري عورت جي حالت خراب ٿيڻ سبب کيس شهر جي خانگي اسپتال آندو ويو، جتي عورت فوت ٿي وئي. وارثن موجب ڳوٺ جي ڀرپاسي وارن صحت مرڪزن ۾ صحت جون سهولتون نه هئڻ ڪري ڳورهاري عورت جي ڳوٺ ۾ دائي ڊليوري ڪرائي، ٻارڙو حياتي آهي، ڊليوري کانپوءِ عورت جي جسم تي سوڄ ٿيڻ سبب حالت انتهائي خراب ٿي وئي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڇاڇرو جي خانگي اسپتال کڻائي پهتاسين، جتي هو فوت ٿي وئي. ٻئي پاسي عورت جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button