پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ فائرنگ جي مختلف واقعن ۾ هڪ ڄڻو قتل، عورت زخمي

ڪراچي: ڪراچي ۾ ٻن مختلف واقعن ۾ گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ هڪ عورت زخمي ٿي پئي. فيروز آباد ٿاڻي جي حد ۾ ٻن ڌرين جي جهيڙي ۾ گولي لڳڻ سبب 40 ورهين جو سيڪيورٽي گارڊ فخر اسلام مارجي ويو. جنهن جي لاش کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو ذاتي دشمنيءَ جي بنياد تي پيش آيو آهي، ٻئي طرف لياقت آباد ٿاڻي جي حد ۾ واقع بي ايريا واري علائقي ۾ نامعلوم هنڌ تان آيل گولي لڳڻ سبب 45 ورهين جي هڪ عورت رابعه زال سلمان عمر زخمي ٿي پئي، جنهن کي جناح اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button