پاڪستانسنڌ

عمران خان جي فلم جا ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر ڀارت ۽ اسرائيل جا آهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان ڊرامو ڪري رهيو آهي ۽ اها سموري سوچيل سمجهيل سازش آهي. هن چيو ته پهريان چيو ويو ته عمران خان کي هڪ گولي لڳي پوءِ 2 ٿي ويون پوءِ چيو پيو وڃي ته کيس چار گوليون لڳيون ڇا عمران خان ڪو سپر مين يا آئرن مين آهي؟ ڪالهه ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته منهنجي خيال ۾ ته هن سموري فلم جا ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر ڀارت ۽ اسرائيل جا آهن، ڇو ته اوهان ڏٺو ته ڀارت عمران خان کي ڪهڙي ريت هيرو بڻائي پيش ڪيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ مطالبو ڪيو ته عالمي ڊاڪٽرن تي ٻڌل بورڊ جوڙي عمران خان جو طبي معائنو ڪرائجي ته خبر پئجي ويندي ۽ حقيقتون عوام سامهون رکيون وڃن. هن اهو به مطالبو ڪيو ته معاملي تي جي آءِ ٽي ٺاهي جاچ ڪرائي وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هو ذاتي حيثيت ۾ مطالبو ڪري ٿو ته عمران خان کي لڳندڙ گولين جي جاچ لاءِ عالمي ڊاڪٽرن تي مشتمل يا وفاقي سطح تي ميڊيڪل بورڊ جوڙيو وڃي ته جيئن اصل حقيقتون سامهون اچي سگهن. هن چيو ته واقعي واري ڏينهن ٻڌايو ويو ته عمران خان کي هڪ گولي لڳي آهي، ٻئي ڏينهن چيو ويو ته ٻه گوليون لڳيون آهن. ڪالهه عمران خان پاڻ چيو ته کيس چار گوليون لڳيون آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حيرت جي ڳالهه آهي ته عمران خان کي 4 گوليون لڳيون، پر هو ڪنٽينر مان نڪرندي هٿ لوڏيندو رهيو. ان وقت سندس هڪ ٽنگ تي پٽي لڳل ھئي پر ڪالهه عمران خان جي ٻنهي ٽنگن تي پلستر لڳل هو، هن سوال اٿاريو ته زخمي عمران خان کي 19 ڪلوميٽر پري گجرات جي ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال بدران 150 ڪلوميٽر پري شوڪت خانم اسپتال ڇو آندو ويو، ڇا ڪنهن ٻئي زخمي کي ڪينسر اسپتال پهچايو ويندو آهي؟شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ملڪ جي موجوده صورتحال ڪنهن کان ڳجهي ناهي. پاڪستان کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪجهه عنصر سوچي سمجهي سازش ڪري رهيا آهن ۽ قوم کي پاڪستان ۽ پاڪستان جي ادارن خلاف گمراهه ڪرڻ جي سازشون ڪري رهيا آهن. اهي ملڪ ۾ جھيڙو ۽ رتوڇاڻ ڪرڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته جيئن ئي عمران خان تي حملي جي خبر پهتي ته پ پ پ جي قيادت حملي جي مذمت ڪئي. الله تعاليٰ سڀني جي جان ۽ مال جي حفاظت فرمائي، پر جيئن ڏينهن گذري رهيا آهن تيئن شڪ ۽ شبا وڌندا پيا وڃن. ڏسڻو اهو پوندو ته ڪنهن به واقعي جو فائدو وٺندڙ ڪير آهن.

هن چيو ته ملڪ جي مشهور صحافي ارشد شريف کي شهيد ڪيو ويو. ان واقعي کان هڪ پارٽي پي ٽي آءِ سياسي فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا ۽ تقريرن ۾ ادارن خلاف نفرت انگيز مهم شروع ڪئي. صوبائي وزير چيو ته ارشد شريف جي وحشياڻي قتل کانپوءِ لانگ مارچ جو اعلان ڪيو ويو هو. هن چيو ته عمران خان جو لانگ مارچ مڪمل ناڪام ٿي ويو ھو، اسان جي اندازي موجب به ماڻهو ٻاهر نه نڪتا. انھن جي پنھنجي پارٽيءَ جا ئي ماڻهو چون پيا ته هي خوني مارچ هوندو. هن چيو ته لانگ مارچ جي ناڪامي کانپوءِ لڳي ٿو ته اها سازشي فلم ٺاهي وئي. عمران خان پاران فيس سيونگ ۽ عوام جي همدردي حاصل ڪرڻ لاءِ حملي جو ڊرامو رچايو ويو. هن چيو ته عمران خان کي حملي کان اڳ ئي خبر هئي، پنجاب مان سندس هڪ سينيٽر به چيو ته هنن تي حملو ٿيڻ وارو آهي. انهن کي هر معاملي کان پهريان ڪير ٻڌائي ٿو، ٻڌائڻ واري جو نالو اڳيان آندو وڃي. جيڪڏهن هي ان جو نالو نه آڻيندا ته سمجهو ويندو ته هي ماڻهو پاڻ ان سازش جا اسڪرپٽ رائٽر، ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر آهن. شرجيل انعام ميمڻ مطالبو ڪيو ته لانگ مارچ ۾ شهيد ٿيل پي ٽي آءِ ڪارڪن معظم گوندل کي لڳل گولي جي بہ جاچ ڪرائي وڃي، ڇو ته چيو پيو وڃي ته هن کي عمران خان جي گارڊ جي گولي لڳي آهي. هن چيو ته عمران خان جي احتجاج جي ڪال به ناڪام ٿي وئي آهي، پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي ۾ جيترا ماڻهو احتجاج لاءِ نڪتا، اهو سڀني جي سامهون آهي. هن چيو ته هن وقت تائين ملڪ ۾ احتجاج جي آڙ ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو پيو وڃي اهو ناقابل قبول آهي. روڊ بلاڪ ڪيا پيا وڃن، پشاور۾ ڪريل حرڪتون ڪيون ويون. ماڻهن جون موٽر سائيڪلن کي به ساڙيو پيو وڃي. صوبائي وزير چيو ته سنڌ ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي وانگر پي ٽي آءِ جي حڪومت ناهي، جيڪڏهن ڪراچي ۾ يا صوبي جي ٻئي ڪنهن شھر ۾ ڪوبه روڊ بلاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته پي ٽي آءِ وارا ٻڌي وٺن قانون حرڪت ۾ ايندو.

هن چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن ڪالهه سنڌ پوليس کي لکت۾ ڏنو آهي ته هو روڊ بلاڪ نه ڪندا. جنهن بعد پوليس پي ٽي آءِ جي گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ نااهل ترين ٽولو آهي، اهي واقعي جي ايف آءِ آر داخل ناھن ڪرائي سگهيا. پنجاب ۾ واقعو ٿيو آهي، اتي پي ٽي آءِ جي پنهنجي حڪومت آهي، انهن جا پنهنجا ماڻهو آهن ۽ الزام وري وفاق تي لڳايا پيا وڃن. هن چيو ته پاڪستان 22 ڪروڙ عوام جي ريڊ لائن آهي، عمران خان گرگٽ وانگر بيان بدلائيندو رهي ٿو، هو قومي سلامتي جي ادارن خلاف غير جمهوري ٻولي استعمال ڪري رهيا آهن، ان سازش جا ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر انڊيا يا اسرائيل جا آهن. پاڪستان ايٽمي طاقت آهي، ڪنهن به مائي جي لال کي اها جرئت ناهي ته پاڪستان ڏانهن ميري اک سان ڏسي سگهي. هن مطالبو ڪيو ته هن ڏڦيڙي شخص خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ان معاملي تي اعليٰ سطحي جي آءِ ٽي جوڙي وڃي ته جيئن اصل حقيقتون قوم کي معلوم ٿي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button