اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙ 24 پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ڪيس داخل

اسلام آباد : تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان تي حملي خلاف اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙ 24 پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
پي ٽي آءِ اڳواڻن خلاف ڪيس آءِ نائن ٿاڻي تي داخل ڪيا ويا آهن، جن ۾ علي احمد اعواڻ، عامر ڪياني، واصف قيوم، چوڌري شعيب ۽ ٻيا شامل آهن. ايف آءِ آر موجب جوابدارن پوليس سان مزاحمت ڪئي، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو، پوليس ۽ ايف سي اهلڪارن تي ڏنڊن ۽ پٿرن سان حملو ڪيو. ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جوابدارن جي پٿراءَ ۾ ايف سي جا 9 ۽ پوليس جا 5 اهلڪار زخمي ٿيا، جڏهن ته 30 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. واضح رهي ته تحريڪ انصاف ڪارڪنن گذريل ڏينهن ڪراچي، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ به احتجاج ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button