اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن جو گڏيل تعاون وڌائڻ تي اتفاق

اسلام آباد :پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن معيشت، واپار، توانائي ۽ سيڙپڪاري سميت سمورن شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت طرفان جاري بيان مطابق اها اتفاق راءِ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ گڏيل عرب امارتن جي پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زيد النهيان وچ ۾ ملاقات دوران ٿي. هي ملاقات ابوظهبي ۾ سالياني سربني ياس فورم جي موقعي تي ٿي. پرڏيهي وزير پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن جي فراخدلي سان مدد ڪرڻ تي گڏيل عرب امارتن جي قيادت جو ٿورو مڃيو. پرڏيهي وزير چيو ته يو اي اي طرفان پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن جي فراخدلاڻي امداد ٻنهي ملڪن وچ ۾ گهرن ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو اهڃاڻ آهي، جيڪي ضرورت جي گهڙي ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل آهن. هن چيو ته گڏيل عرب امارتن هميشه مشڪل وقت ۾ پاڪستان ۾ انساني همدردي جي بنياد تي امداد ۽ معاونت جي سڀ کان وڏي عطيو ڏيندڙن ۾ اڳيان اڳيان رهيو آهي. پرڏيهي وزير پنهنجي يو اي اي جي هم منصب کي سالياني سربني ياس فورم جي ڪامياب ميزباني تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن وچ ۾ لاڳاپن جي اهميت تي زور ڀريو ۽ معيشت، واپار، توانائي ۽ سيڙپڪاري سميت سمورن شعبن ۾ گڏيل تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي ڳاڻيٽي ۾ واڌ جي ضرورت تي زور ڀريو. ٻنهي ملڪن گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ ويجها لاڳاپا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button