اسلام آبادپاڪستان

اعظم سواتي بابت وائرل ٿيندڙ وڊيو جعلي آهي:ايف آئي اي

اسلام آباد : وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) سينيٽر اعظم سواتي جي وڊيو جعلي قرار ڏئي ڇڏي. پڌرائيءَ موجب انٽرنيٽ تي اعظم سواتي بابت پکيڙي ويندڙ وڊيو جعلي آهي، اعظم سواتي سان جڙيل وڊيو ۽ آڊيو جو تفصيلي تجزيو ڪيو ويو، وڊيو ۽ آڊيو جو فريم ٽو فريم فرانزڪ تجزيو ڪيو ويو آهي ۽ فرانزڪ انٽرنيشنل معيار موجب ڪئي وئي. ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته انٽرنيشنل معيار جي فرانزڪ سان ثابت ٿيو آهي ته وڊيو ۾ ايڊيٽنگ ٿي آهي، چهرن کي بگاڙي مختلف وڊيوز ان ۾ شامل ڪيون ويون ۽ فوٽو شاپ ڪيون ويون. ايف آءِ اي موجب اعظم سواتي جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن، انهن تي باضابطا طور جاچ جي ضرورت آهي، اعظم سواتي لکت درخواست ڏئي ۽ پنهنجا سمورا خدشا ٻڌائي. ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته ظاهري طور جعلي وڊيو سينيٽر اعظم سواتي کي بدنام ڪرڻ لاءِ پکيڙي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button